صديقي محمود الحسن ڊاڪٽر

صديقي، محمود الحسن، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر محمود الحسن صديقي پهرين جنوري 1922ع تي هندستان ۾ پيدا ٿيو. ايم.اي تائين تعليم به اتي ورتائين. هن 1940ع ۾ الهه آباد يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. ايم.اي تاريخ جي مضمون ۾ 1942ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ڪيائين. 1944ع ڌاري ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي 1948ع تائين نوڪري ڪيائين. ورهاڱي سبب ڪراچي آيو. کيس اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ نوڪري ملي، جتي 1950ع تائين ملازم رهيو. پاڻ تاريخ جي شعبي سان گڏ علم سياسيات جي شعبي جو نگران رهيو. ان کانسواءِ ڪاليج جي وائيس پرنسيپال طور به ڪم ڪيائين. ان دوران هن کي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري وٺڻ لاءِ برطانيه جي مئنچسٽر يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي. سندس مقالي جو عنوان ‘سنڌ جي تاريخ’ هو. سال 1958ع ۾ ٿيسسز مڪمل ڪري ڊگري وٺي واپس ڪراچيءَ آيو. ان بعد کيس 1959ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي جنرل هسٽري شعبي ۾ استاد طور رکيو ويو، اڳتي هلي شعبي جو پروفيسر ۽ پوءِ سربراهه بڻيو. انهيءَ عهدي تان سٺ سالن جي ڄمار (1982ع) ۾ رٽائر ڪيائين.کيس، اسڪالر، عالم، محقق ۽ مؤرخ جي حيثيت ۾ ملڪي توڙي بين الاقوامي ميڙن ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جتي پنهنجا شاهڪار مقالا پيش ڪيائين. هن نامور عالم جون اڪثر لکڻيون انگريزي ۾ آهن ۽ انهن جو گهڻو واسطو سنڌ سان آهي. کيس علمي مان مرتبي سبب ڪافي ادبي ادارن جو ميمبر، باني ميمبر يا سربراهه رهڻ جو شرف به حاصل ٿيو، جن ۾ رائل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن جو فيلو، ايشين اسٽڊيز ائسوسيئيشن، آمريڪا جو ميمبر، پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچيءَ جو باني ميمبر، جامعه ڪراچيءَ ۾ اولهه ۽ مرڪزي ايشيا ئي اڀياس جي اداري جو نائب صدر ۽ مختلف ڪميٽين جو سرگرم ڪارڪن پڻ رهيو. پاڻ انگلستان ۽ آمريڪا تائين، جدا جدا يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ وزيٽنگ پروفيسر به پڻ رهيو. هن مختلف علمي مذاڪرن ۽ تاريخي سيمينارن جي سيڪريٽري، صدر ۽ آرگنائيزر طور به ڪم ڪيو. ان ڏس ۾ پاڪستان هسٽري ڪانفرنس جا مختلف اجلاس ‘سنڌ ٿرو سينچريز سيمينار’ ۽ ‘انڊين هسٽري ڪانگريس علي ڳڙهه’ اهميت رکن ٿا. صديقي صاحب جي تحقيقي لکڻين جو 80 سيڪڙو سنڌ سان تعلق آهي. پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي مقالي لاءِ مير محمد معصوم بکريءَ جي تاريخِ معصومي جي ٻن بابن تي ڪم ڪيائين. انهن کي هڪ طرف انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ ٻئي طرف نهايت معلوماتي ۽ تاريخي وضاحتي حاشين جو به پنهنجي طرفان واڌارو ڪيائين. اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اداري سنڌالاجيءَ هي تحقيقي ڪارنامو ‘هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ’ جي نالي سان 1972ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان کان گهڻو اڳ هڪ اردو ڪتاب اسلامي تاريخ تي به لکيو هئائين. هي ڪتاب سال 1953ع ۾ نيويارڪ مان شايع ٿيو هو. ان کانسواءِ ممبئي مان 1955ع ۾ هڪ ڪتاب ‘ميمائرس آن سنڌ’ ٻن جلدن ۾ ڇپيو هو. ان ڪتاب جو نئون ڇاپو 1979ع ۾ ڪراچيءَ مان ڇپيو. ان جو مهاڳ ‘ڊسڪوري آف سنڌ’ جي عنوان سان سندس ئي لکيل هو. ڊاڪٽر محمود الحسن جي ڪجهه انگريزي مقالن جا عنوان هن ريت آهن: بلبن جو نظام حڪومت، مير محمد معصوم بابت تقي الدين ڪاشيءَ جو احوال، سنڌ ۾ ٻروچن جي لڏپلاڻ ۽ ارغونن سان تصادم، قنڌار تي بابر جي قبضي جي تاريخ، سنڌ جو وچئين دور ۾ سائنسي ترقيءَ ۾ ڪردار، همايون جي سنڌ ۾ آمد جو تجزيو، جناح صاحب مسلم ليگ ۾ ڇو آيو، جناح صاحب جي پهرين عوامي تقرير، حيات حسام الدين راشدي- معنيٰ ۽ مقصد وغيره. ڊاڪٽر صديقي جي مادري زبان ته اردو هئي، پر سنڌ سان محبت سبب هن سنڌ تي تمام گهڻو ۽ معياري ڪم ڪيو. ادبي حوالي سان سندس رهنمائي سنڌ جي نامورعالم پير حسام الدين راشدي ڪئي. سنڌ جي هن نامور اسڪالر ستر سالن جي ڄمار ۾ 8 جنوري 1993ع تي وفات ڪئي. سندس علمي ذخيرو سنڌ جي ثقافت کاتي خريد ڪري محفوظ ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو